اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ??رڪ??انستان جي وچ ۾ واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏي?? جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد آهي ته اهي لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??رڪ??انستان جي سفير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ??رڪ??انستان جي قيادت پاران نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ??رڪ??انستان جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي منصوبن کي جلد ??ڪم?? ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ??رڪ??انستان جي سفير انهن مخصوص قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن جي مجموعي دائري ۽ سگهه کي وڌائ?? جي لاءِ تعاون جي خواهش جو ??رج??ءُ ڪيو.