اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اعليٰ عدليه جي هڪ انتهائي اهم ڪيس ”پريڪٽس اينڊ پر??سيجر ايڪٽ“ جي ڊگهي وقت واري سڌوسنئون نشريات عوام تائين پهچائڻ تي پي ٽي وي نيوز جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اعليٰ عدليه جي هڪ انتهائي اهم ڪيس ”پريڪٽس اينڊ پر??سيجر ايڪٽ“ جي ڊگهي وقت واري سڌوسنئون نشريات کي پيشيواراڻي انداز ۾ عوام تائين پهچايو ويو جنهن تي پي ٽي وي نيوز جي ٽيم ساراهه جي مستحق آهي، جنهن تي کيس مبارڪباد ڏيان ٿو.