اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد ها??ِ ڪمشنر سيد احمد معروف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻ?? ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد ها??ِ ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لا??ِ ڪم ڪري. صدر چيو ته معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد معروف کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني ها??ِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد ها??ِ ڪمشنر جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو.