اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) چائينا ميڊيا گروپ سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪس??ان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ آرٽ نمائش ۽ ثقافتي شو جو بندوبست ڪيو. ان موقعي تي سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي حوالي سان خصوصي پينٽنگز جي نمائش ڪئي وئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پاڪس??ان جي چئني صوبن ج?? ثقافت کي اجاگر ڪندي پاڪستان?? ثقافتي فنڪارن پنهنجي صل??حيتن جو ڀرپور انداز ۾ مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ان دوران بحريه يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن به پرفارمنس ڪيو، تقريب ۾ موجود چين?? ثقافتي فنڪارن خوبصورت موسيقيءَ ذريعي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب کي ايف ايم 98 دوستي چينل جي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوپنگ پنگ جو چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪ چين دوستي جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته اهڙي طرح ج?? ثقافتي پروگرامن سان اسان کي جتي هڪٻئي ج?? ثقافت کي ڄاڻڻ جو موقعو ملندو اتي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ هٿي ايندي. هن چيو ته اڄ جي تقريب پڻ سي پيڪ جي منصوبي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان جاري تقريبن جو هڪ تسلسل آهي. ڪي پي ڪي سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين حسان دائود تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ سان خطي ۾ ترقيءَ جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چائينا ميڊيا گروپ طرفان سي پيڪ جا وڊيو پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا جن کي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن بيحد ساراهيو. پاڪس??ان ۾ قائم چيني سفارتخاني ج?? ثقافتي ڪائونسلر جنرل چانگ حه چنگ سميت ٻين اعليٰ عهديدارن ۽ پاڪس??ان چين جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.