اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ ??ي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو ??هي ته نجي شعبو ڇاتيءَ ??ي ڪينسر کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ميڊيا ۽ ٻيون ڌريون ڇاتيءَ ??ي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ مدد ڪن، عورتن کي حياتي کسيندڙ مرض جي جلد تشخيص، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو سيمنز هيليٿائزز جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر صحت جي شعبي ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو ??ه ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي آگاهي، صحت جي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿ??. صدر شروعاتي اسڪرين??گ، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ ۽ بهتر طبقي خدمتن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ??ه نجي شعبي جا حصيدار ميڊيا مهم ۽ تعليمي ادارن ۾ ورڪشاپس ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ جي ذريعي شعور بيدار ڪرڻ ۾ اهم ادا ڪري سگهن ٿا. صدر آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ ??ي ڪينسر بابت آگاهي جا پروگرام منقعد ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن ڇاتيءَ ??ي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين ??ي ڪردار کي پڻ ساراهيو. پهرين آڪٽوبر کان ڇاتيءَ ??ي ڪينسر تي آڊيو ??گاهي پيغام هلايو پيو وڃي جنهن ۾ عورتن کي پنهنجو معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي مشورو وٺڻ جي تلقين ڪئي پئي وڃي. صدر چيو ??ه ميڊيا هائوسز مارننگ ۽ ٽاڪ شوز کانسواءِ بيداري جي لاءِ پيغام نشر ڪن، ڇاتيءَ ??ي ڪينسر کانپوءِ جي مرحلن ۾ علاج سان واڳيل خرچن کي وقت سر تشخيص سان گهٽ ڪري سگهجي ٿ??.