اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر مير جان محمد جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاق??ت ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.