اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي. سڄي دنيا ۾ ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي ڪشميري 27 آڪٽوبر (جمعي) کي ڪ??ري ڏينهن طور ملهائيندا. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارتي فوج غير ق??نوني طور تي سرينگر ۾ لٿي هئي جنهن والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن تي ڏاڍ ۽ جبر، قبضي، مظلوميت ۽ تسلط جو باب شروع ڪيو. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪ??ري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن ڀارت جي غير ق??نوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجن وعدن کي ياد ڪرائڻ آهي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت و??ري حق جي حمايت ڪن ٿا. ڪشمير ميڊيا سروس رپورٽ مطابق ان ڏينهن ڀارتي غير ق??نوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام طرفان مڪمل شٽر ڊائون ڪيو ويندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. ڪشميري عوام ۽ مهذب دنيا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي علائقي تي حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيادت هيٺ هندوتوا ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي خا?? حيثيت ??ي رد ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي.