اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جديد جمهوري معاشرن جو دارومدار اطلاعات جي آزاداڻي فراهمي ۽ اطلاعات جي حق تي آهي، هڪ آزاد ۽ جمهوري معاشري جي لاءِ صحافت جي آزادي ۽ اطلاعات تائين پهچ بنيادي گهرج آهي. صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته کيس يقين آهي ته رڳو تعليم يافته ۽ باخبر شهري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعميري ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان هر سال صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهايون ٿا ?? انهن بنيادي اصولن تي زور ??يون ٿا ته ميڊيا جي آزادي جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ پنهنجي پيشيواراڻي ذميوارين جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهندڙن جو احترام ڪيو وڃي ?? انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي.