اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني قطر سان گڏيل مفاد جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ جي اهميت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، قطري ڪمپنيو?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪامياب انعقاد تي قطر کي ساراهيو. هن ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر حڪومت جا ٿو??ا پڻ مڃيا. وقتي ??در جو چوڻ هو ته قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ??ابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ مضبوط پل وانگر آهن. قطر جي سفير پاڪستان کي هڪ ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي ??اراهيندي چيو ته قطر جو سيڙپاري وارو وزير جلد ئي پنهنجي وفد سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪندو، وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺندو، اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي قطر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا.