مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر ??لطان محمود چوڌري جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پارلياماني پارٽين جي اڳ??اڻن جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ مسلم ڪانفرنس جو سپريم هيڊ سردار عتيق احمد خان، مسلم ڪانفرنس جو صدر مرزا شفيق احمد جرال، جماعت اسلامي جو پارلياماني ليڊر عبدالرشيد ترابي، جماعت اسلامي جو امير ڊاڪٽر ??الد محمود، پيپلزپارٽي ڄمون ڪشمير جو صدر سردار حسن ابراهيم، مخالف ڌر اڳ??اڻ چوڌري محمد ياسين ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير ??لي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر شاهه غلام قادر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.