اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنجاب ۾ ??حت سميت ٻين شعبن کي نظرانداز ڪرڻ تي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي لاپرواهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي تازي ڪرونا جي وبا تي اسپت??لن سميت ??حت جي ادارن جي کوٽ سبب سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻو وڏو وزير شهباز شريف ملڪ ۾ موذي وبا جو فائدو کڻندي پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ جي لاءِ قوم کي گمراهه ڪرڻ ۽ چالون هلڻ کان پاسو ڪري، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ق??مي ناڻي کي ڦرڻ ۽ ??حت سميت ٻين ادارن کي تباهه ڪرڻ جي حوالي سان نيب جي سو??لن جا جواب ڏيڻ گهرجن.