اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ٿي سگهي ٿي، وسيلن جي حوالي سان اختلاف معمول جو حصو آهن، عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت اسڪينڊلز جي جاچ عام ڪئي، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ??يد??لاضحيٰ تي اجتماعي قرباني جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي کي پنهنجي انٽرويو ۾ صدر چيو ته ??يد??لفطر ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي مشاورت سان ايس او پيز طئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ??يا ۽ اتفاق راءِ سان ايس او پيز جوڙيا ??يا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ايس او پيز اختيار ڪيا، ان حوالي سان پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن جي معاشي ذريعن جو خيال رکڻ جي لاءِ به صحيح فيصلو ڪ??و ويو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافي جو رجحان رڪجي ويو آهي، الله جو وڏو احسان اهو آهي ته اسان وٽ ايترو وڏو بحران پيدا نه ٿيو، جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا ??ئي ويا. صدر چيو ته ??يد??لاضحيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي قربانين جو اهتمام ڪ??و وڃي ۽ رش کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عيد جي نماز جي لاءِ سماجي فاصلي ۽ ٻين ضروري ايس او پيز جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته ??يد??لاضحيٰ ۽ محرم الحرام جي موقعي تي خصوصي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته اسان ڪورونا کي پکڙج?? کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.