اسلام آباد – 30 جول??ءِ (اي پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خات??ي ??ابت ترمي??ي ??ل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ و??اقي گهرو وزير پاران رٿ ??يش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ ??يش ڪيو، چيئرمين شقوار منظوري ل??ءِ بل ايوان ۾ ??يش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت ر??ءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ ??يش ڪئي ته گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ ??يش ڪيو. چيئرمين شقوار منظوري ل??ءِ بل ايوان ۾ ??يش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت ر??ءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.