اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ??هي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو ??هي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چي?? ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو ??هي. هن چي?? ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو ??هي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص ??ي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عمران خان چي?? ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙي??ن ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چي?? ته پاڪستان ڀارت سان تڪر??ر جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪرد??ر جي حوالي سان وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ??هي.