اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پوسٽ کي 45 ڏينهن اندر مع??ور رٽائرڊ ملازم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سکر جي رهواسي محمد شاهد پاڪستان پوسٽ آفيس ڊيپارٽمينٽ طرفان مع??ور ملازمن جي ڪوٽا تي پٽ جي ڀرتي جي درخواست وڏي عمر جي بهاني رد ڪرڻ تي وفاقي محتسب ۾ شڪايت جمع ڪرائي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران معمو??ي غذر تي معاملي کي ڏکيو بڻائڻ ۽ ملازمت نه ڏيڻ تي کاتي جي ڪن مهٽ ڪئي وئي، صدر معاملي کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي دير تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هڪ معمولي عذر تي هڪ مع??ور شخص جي معاملي کي ڏکيو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، مع??ور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جهڙن نامناسب روين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صدر پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي مع??ور ملازمن ??ي ٻارن کي ڏنل نوڪرين جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.