اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرانسيسي صدر پ??ران مسلمانن جا جذبا مج??وح ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اقدس جي حوالي سان گستاخانا خاڪن ۽ ان سان مسلمانن جي جذبن کي پهچندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاءِ نبي ڪريم صه جي شان اقدس ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آهي. ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته گستاخانا خاڪن جي حوالي سان هر ميسر فورم کي استعمال ڪندي مسلمانن جي جذبن جي ترجماني ڀرپور انداز سان ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪابينا جو اجلا?? وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.