اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليمي ??عيار ٺيڪ نه آهي جيڪو اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انجنيئرز جون ??وڪريون ڪو وڏو مسئلو نه آهي اصل مسئلو تعليمي ادارن ۾ ناقص تعليمي ??عيار آهي، هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي چيو آهي ته ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 يونيورسٽيون اهڙيون ??جن جنهن جو سليبس، ڊگري پروگرام ۽ معيار عالمي ??جي، هن چيو ته قابل ماڻهن لاءِ نوڪريون حاصل ڪرڻ ڪو مشڪل نه آهي.