اسلام آباد ??? 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس من??قد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو وي??. و??يراعظم کي ٻڌايو ويو ته عوام جي رليف، شڪايتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين من??قد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ونڊو آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي نفاذ ٿي چڪو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گورننس جي بهتري کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به شڪايتن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي نتيجي ۾ صوبي ۾ ا??ي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.