اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسو??ءِ ري??ست?? جو وجود ختم ٿي ويندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اوهان کان پهرين ڪيتريون ئي قومون ان ل??ءِ تباهه ٿي ويون ته انهن ۾ طاقتور جي ل??ءِ هڪ قانون جڏهن ته ڪمزور جي ل??ءِ ٻيو قانون هو. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته ري??ست??ن اخلاقي زوال ۽ بدعنواني جي ڪري تباهه ٿي ويون، ڇاڪاڻ جو اخلاقي طاقت کانسو??ءِ ڪا به رياست پنهنجي شهرين کي انصاف فراهم نٿي ڪري س??هي. وزيراعظم چيو ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسو??ءِ ري??ست?? جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن رياست وٽ اخلاقي طاقت نه رهي ته هو طاقتور ڏوهارين سان مڪه مڪا (اين آر آو) شروع ڪندي آهي. هن چيو ته سينيٽ جون تازيون چونڊون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته ڪهڙي طرح اسان اخلاقي رخ وڃائي رهيا آهيون.