اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائون جي حوالي ??ان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، آرٽيڪل 151 تحت پاڪستان هڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ڪراچي جي بندرگاهه پاڪستان جي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن ??ان پاڪستان جي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ حڪومت پاران مڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي ج??ري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ??و به آپشن ڪنهن صوبي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي ??ان پاليسي وفاق ۽ اين سي او سي ج??ري ڪندا آهن ۽ صوبا ان تي عملدرآمد جا پابند آهن، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جو ??رپور طريقي ??ان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت ت??ئين ا??ان انساني ج??نيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ملڪي معيشت به هاڻي پ??هنجي پ??رن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون ??ان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پ??غام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.