اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هنن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو آهي ته 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان کي ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ??ي بزرگن جي جدوجهد ۽ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هنن چيو ته بزرگن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هن ملڪ کي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ اسان ??ي گڏيل ذميداري آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين ۽ پنهنجون سموريون توانايون پاڪستان ??ي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ڪنداسين. هن چيو ته قومي سالميت ۽ ملڪي استحڪام لاءِ جمهوري اصولن تي ڪاربند هجڻ ۽ اجتماعيت جو جذبو پيدا ڪرڻ ضروري آهي. هن ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ قوم جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته قوم مستقبل ۾ به ان وبا کان ??چاءُ لاءِ صحت کاتي پاران ??اري ايس او پيز تي سختي سان ??ملدرآمد ڪندي. هن موسمياتي تب??يل??ن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران ??ان ??ي 10 بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ??دائين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ڪندو ره?خوش_قسمتی_کا_رش/122016.html">?دو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي معصوم شهرين تي ڀارتي ظلم پو??ي دنيا جي ضمير جو امتحان ??هي. هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميري عوام ڀارتي ڏاڍ کان ??زاد ٿيندي ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀر?خوش_قسمتی_کا_رش/122016.html">?دو. اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي سماجي فلاحي رياست بڻائڻ جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار حڪومتي پاليسين تي آهي ۽ موجوده حڪومت ملڪي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ جامع پاليسيون جوڙي رهي آهي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري چيو ته اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي بزرگن پاران هڪ ڌار ملڪ جي لاءِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي هنن هڪ اهڙي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ لاءِ ڏنيون هيون جتي هر شهري کي برابر حق حاصل هجن ۽ اهي مڪمل آزادي سان پنهنجي مذهبي عقيدن ۽ رسمن موجب زندگي گذاري سگهن. هن قائداعظم محمد علي جناح جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي رهنما اصولن تي عملدرآمد جي ضرروت تي زور ڏيندي چيو ته اسان ??اباءِ قوم جي رهنما اصولن تي عملدرآمد ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي تي گامزن ڪري سگهون ٿا.