اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جي ??نا??تي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ ??نا??تي ڪارڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد منصوبن جو افتتاح ڪيو. نادرا پاران جاري ڪيل بيان موجب نادرا هيڊڪوارٽر آمد تي گهرو وزير شيخ رشيد ا??مد و??ير??عظم عمران خان جو استقبال ڪيو، و??ير??عظم کي نادرا چيئرمين م??مد طارق ملڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، و??ير??عظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪيو. و??ير??عظم جي هدايت تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، و??ير??عظم عمران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ غير ملڪي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن ??نا??تي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪيو، ان ڪارڊ جي ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي نوڪريون حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙن سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.