اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نيزه باز ??رشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طال?? ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ??رشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طال?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائ?? رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فه??يده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽوڪيو اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنه?? رانديگرن بهتر ر??ند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوصلا افزائي لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.