اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي ت??ت دوست ملڪن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد م??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزاستان جي نام??د سفير توتوئيف الان بيڪ اسنڪولوچ، قازقستان جي نام??د سفير يرجان ڪستافين، آذربائيجان جي نام??د سفير خضر فرهادوف، ٿائيلينڊ جي نام??د سفير چڪريد ڪرچائيونگ ۽ نائجيريا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ابيوئي محمد بيلو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن??ي ڪيو جن ايوان صدر ۾ سا??س جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان کان اڳ نام??د سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر هڪ تقريب ۾ صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي ت??ت دوست ملڪن سان ڪاروبار ۽ واپاري تعاون جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي رابطن ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان منفرد جيو اقتصادي حيثيت رکندڙ ملڪ آهي، خطي جا ملڪ ٽرانسپورٽ، واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي شعبن ۾ پاڪستان ۾ موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد م??ندي، دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستهڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي سياسي مشاورتي، گڏيل وزارتي ۽ بين الهڪومتي ڪميشنز جهڙي اداراجاتي سطح جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دوست ملڪن سان بطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪن??ي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نام??د سفير پاڪستان سان سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن??ا.