اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين ??ي وارثن سان ڳالهه ٻول??ه ڪئي. صدر سوار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين ??ي وارثن سان به ڳالهه ٻول??ه ڪئي، صدر عارف ع??وي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف ع??وي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.