اسلام آباد -02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان طرفان وڌيڪ امداد افغان حڪومت حوالي ڪئي وئي آهي. طورخم سرحد تي پاڪستان ا??ساني همدردي جي بنياد تي امدادي شين جي هڪ ٻي کيپ افغان عملدار?? حوالي ڪئي. پاڪ افغان ڪو آپريشن فورم طرفان جاري بيان مطابق 6 ٽرڪون ا??دادي شين جون ڀريل افغان عملدار?? حوالي ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ اٽو، چانور، داليون ۽ ٻيو سامان شامل آهن، جيڪو لنڊي ڪوتل جي اسسٽنٽ ڪمشنر اڪبر افتخار طورخم سرحد تي افغان طورخم بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي انچارج ايس غازي الله هاشمي جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي افغان عملدارن ا??دادي شين جي فراهمي تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو.