اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب عمر شريف جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙو ليجنڊري اداڪار هو جنهن سدائين مسڪراهٽون پکيڙيون، عمر شريف عالمي سطح تي ڪاميدي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته ان جو ڪم ۽ يادون سدائين زندهه رهنديون، الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي ۽ آ??رت جون منزلون آسان فرمائي.