اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي جنهن جو ڪم صرف روئڻ آهي، جيڪي به سڌارا آڻيون، مخالف ڌر جو ڪم ا?? تي گوڙ ڪرڻ ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ آهي، نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن جون اڪثر تجويزون ان آرڊيننس ۾ شامل آهن، ڪابينا ربيع الاول ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمران خان آچر تي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندو، سڄي ملڪ ۾ ت??ري?? انصاف جون ضلعي تنظيمون وزيراعظم جو خطاب سڌو سنئون ڏيکارينديون، ت??ري?? انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پاڪستان ت??ري?? انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمران خان جي خواهش هئي ته ان حوالي سان سمورين تقريبن پارٽي شرڪت ڪري، ان مقصد جي لاءِ هن پوري پارٽي کي گڏ ڪيو ۽ هدايت جاري ڪئي ته ت??ري?? انصاف جي سموريون ضلعي تنظيمون ان حوالي سان تقريبن جو انعقاد ڪن. هن ??يو ته وزيراعظم آچر تي سيرت ڪانفرنس کي خطاب ڪندو ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ جو آغاز ۽ افتتاح ڪندو. ان خطاب جي تقريب پاڪستان ت??ري?? انصاف جون سموريون ضلعي تنظيمون سڌو سنئون ڏيکارينديون. اهي تقريبون منعقد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي نبي ﷺ سان پنهنجي رشتي جو اظهار ڪري سگهون، هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان پارٽي تنظيم سازي جي حوالي سان رپورٽ به طلب ڪئي آهي، تنظيم سازي جي حوالي سان اسان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، مقامي حڪومتن جون چونڊون به ويجهو اچي رهيون آهن ۽ ضروري آهي ته مقامي حڪومتن جي چونڊن کان پهرين پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي مڪمل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته نيب آرڊيننس تي جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس جو حصو آهن. ٽرائل ڪورٽس کي ضمانت جو حق ڏيڻ، ٽيڪس جي ڪيسن کي نيب جي پهچ کان هٽائڻ ۽ نيب جي عدالتي نظام کي تبديل ۽ مضبوط ڪرڻ تي سڀني جو اتفاق هو، اسان ان ۾ ٽيڪنالاجي آندي آهي، هاڻي ان کانپوءِ نه ڪنهن ??ي اعتراض آهي ته هو پارليامينٽ ۾ کڻي اچي پي ٽي آءِ ان نيب آرڊيننس جي پويان بيٺل آهي، وفاقي وزير چيو ته نيب سڌارا هجن يا اليڪٽوريل ريفارمز، مخالف ڌر کي ان جي مخالفت ڪرڻي آهي، مخالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي، ان جو ڪم صرف روئڻ آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته انگلينڊ ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو دورو ختم ٿيڻ تي پوري دنيا ۾ ڪرڪيٽرز ۽ ماڻهن پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي جنه?? تي انهن جا ٿورائتا آهيون، ڀارت ان دوري کي ناڪام بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هن ??يو ته اڄ نيوزيلينڊ به پاڪستان اچڻ چاهي پئي ۽ انگلينڊ پنهنجي سيريز ڪنفرم ڪري ڇڏي آهي.