اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پر????هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پر????هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي م??قع?? تي صوماليه جي پنهنجي هم منصب عبدالسعيد موسي علي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پر????هي وزير چيو ته پاڪستان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عوامي سطح تي ٺوس رابطا ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ لازمي آهن، هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ صومالي شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پر????هي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت کي حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان نادرا جي ذريعي صوماليه جي قومي ڊيٽا بيس جي قيام سان گڏوگڏ فوجي تر??يتي ڪورسز ۾ پڻ معاونت جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان صوماليه سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ا??غانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ا?? جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. صوماليه جي پر????هي وزير او آءِ سي پر????هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي اعليٰ انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پر????هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.