اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائ??س جو دورو ڪيو. اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ڪانفرنس هال، وفدن ??ي سهولت ??اءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، م??ڊيڪل سينٽر، م??ڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز ڏٺا ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهون ٿا. وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن ??ي سهولت ??اءِ هر ممڪن انتظامن کي يقيني بڻايو ويو آهي.