اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، اسلام آباد ۾ منعقد او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کانپوءِ افغان عوام جي ح??ايت ۾ ٿيندڙ ٻن اهم اڳڀراي?? جي آ??يا?? ڪري ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ بنيادي ضرورت?? جي فراهمي جي ح??ايت ڪئي وئي آهي. هڪ ٻي اڳڀرائي ۾ هن چيو ته آمريڪا امداد جي فراهمي ۾ آساني لاءِ طالبان سان ڪاروبار ڪندڙ آمريڪي ۽ گڏيل قوم?? جي اهلڪارن کي آمريڪي پابندين کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.