اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان ص??ر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. آ??مي چيف صدر کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنصرن ج?? خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ مان عسڪريت پسندن ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صدر سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن ج?? خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين تي فخر آهي جن سدائين ه?? قسم جي مشڪلاتن ج?? خلاف قومي سرحدن جو دفاع ڪيو.