اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل A-63 جي تشري?? لاءِ سپ??يم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپ??يم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن جي بدلي وفاداريون تبديل ڪن ت?? انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفاداريون معاشي مفادن جي ڪري تبديل ڪن انهن جي نااهلي تاحيات هوندي يا کين ٻيهر چ??نڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي؟ سپ??يم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ويندي ت?? ان ريفرنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.