اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر اوورس??ز پاڪستانين جي ووٽن کان ڊنل آهي، پيپلزپارٽي کي سڀني کان وڌيڪ نقصان آصف علي زرداري پهچايو، نواز شريف ضياءُ الحق جي نرسري ۾ وڌيو ويجهو، اسان جو ??ياسي بيانيو اهو آهي ته دنيا ۾ ڪو به پاڪستاني ڇاتي تي هٿ هڻي چئي ته اهو پاڪستاني آهي، هي اهو بيانيو آهي جيڪو عمران خان کان پهرين پاڪستان ۾ ڪنهن اڳواڻ ناهي ڏنو، پنهنجو پاڻ تي اعتماد، پنهنجي قوم تي اعتماد، پنهنجي اڳواڻ تي اعتماد، اڄ پورو پاڪستان عمران خان کي انهي اعتماد سان ڏسي ٿو، سدائين اهو چيو ته سياسي قد ڪاٺ وارن کي ووٽ ڏيو، ان کي ووٽ نه ڏيو جنهن جي پنهنجي ڪا به حيثيت نه هجي، اهڙي ماڻهو کي اڳواڻ بڻايو جيڪو توهان جي عزت ۾ اضافو ڪري، توهان گواهه آهيو ته پوري دنيا ۾ پاڪستانين جي عزت وڌي آهي، اڄ اسان پنهنجو پاسپورٽ فخر سان سامهون رکون ٿا ته دنيا ۾ ان پاسپورٽ جي عزت ۽ توقير آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهتمام هيٺ منعقد اوورس??ز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اوورس??ز پاڪستانين جي قيادت کي اسلام آباد ۾ ڀليڪار چئون ٿا، سمورن اوورس??ز پاڪستانين جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته اهي اسان سان گڏ بيٺل رهيا آهن، اوورس??ز پاڪستانيز جي سوچ اصل قومي سوچ جو ??ظهار آهي، وزيراعظم عمران خان سائي پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي، اڄ اسان فخر سان چئون ٿا ته اسان جو وزيراعظم عمران خان آهي، اڄ اسان جو وزيراعظم اهو ناهي جنهن جون ڪانپين ٽانگ رهيون هجن، وزيراعظم عمران خان جڏهن عالمي شخصيتن سان ڳالهائيندو آهي ته هو پاڪستانين جي عزت ۾ اضافو ڪندو آهي، وزيراعظم عمران خان هر فورم تي پاڪستانين جي ڳالهه ڪندو آهي، اوورس??ز پاڪستانين جي حقن جو ??دائين خيال رکيو آهي ۽ انهن جي حقن لاءِ جنگ جاري رکندو. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 90 لک اوورس??ز پاڪستاني ووٽ جو ??ق نٿا رکن جڏهن ته اسان چئون ٿا ته اهي حق رکن ٿا، اوورس??ز پاڪستانيز جيڪڏهن 31 ارب ڊالر پاڪستان نه موڪلين ها ته اڄ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿي چڪو هجي ها، پاڪستان ۾ ووٽ وجهڻ اوورس??ز پاڪستانين جو ??ق آهي ۽ اهو حق عمران خان کين ڏياريندو. وفاقي وزير چيو ته اڄ عمران خان سڀني کان مقبول اڳواڻ آهي، نواز شريف ۽ زرداري ان جي ويجهو به ناهن آهن، نواز شريف ۽ زرداري جي لا??ِ پارڪ ۾ هلڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي جڏهن ته عمران خان لکن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندو آهي، ميلسي، حافظ آباد ۽ بونير جا جلسا ان ڳالهه جو ??بوت آهن ته عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ چئني صوبن جي ماڻهن جون دليون عمران خان سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، نواز شريف، زرداري جي ٻارن کي چوان ٿو ته اهي عمران خان وانگر پاڪستان ۾ جلسا ڪري ڏيکارين، بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو تمام وڏا اڳواڻ هئا، آصف علي زرداري پيپلزپارٽي جو ??تن سالن ۾ ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان تي پوري پاڪستان کي اعتماد آهي، اوورس??ز پاڪستاني اسان کان وڌيڪ ووٽ ڏيڻ جو ??ق رکن ٿا، اوورس??ز پاڪستانين جي حقن جو ??دائين دفاع ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان اوورس??ز پاڪستانين کي حق ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستانين جون دليون وزيراعظم سان گڏ ڌڙڪن ٿيون.