اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ آزاد، خودمختيار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، (ن) ليگ وارن سان ??مدردي آهي، پيءُ (شهباز شريف) ملڪ جو وزيراعظم ۽ پٽ (حمزه شهباز) وڏي وزير بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن، انهن ماڻهن ۾ ڪو شرم نه آهي، اهي پنهنجو پاڻ کي مغليه فيملي سمجهن ٿا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن ماڻهن سان ??فرت ڪري ٿي. هڪ سو??ل تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آهن پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري سرور سٺو ماڻهو آهي، اسان ان جو احترام ڪريون ٿا، چوڌري سرور جي پرويز الاهي سان ??ه ٺهي رهي آهي، ان ??اءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سرفراز چيما کي نئون پنجاب جو گورنر بڻايو وي?? آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ آزاد، خودمختار پاڪستان ۽ هڪ محڪوم پاڪستان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۽ پاڪستان جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته اسان ڀڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسان کي جهڙي طرح آزادي ڏياري هئي اڄ اهڙي طرح جي آزادي جو هي موقعو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن سان گڏ ڪڏهن به نه وي??دي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڪاري چون ٿا. هڪ سو??ل تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آهي، هاڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته انهن جي سياست به ختم ٿي وي??دي.