ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار جي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر ??اڙهي، اربع ڏينهن وزيراعظم جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کان??وء?? وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اتحادي پا??ٽي?? جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار تي گلن جي چادر ??اڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳوا?? مولانا اسعد محمود، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.