اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪ??دي ره??دي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي، اڳوڻي حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي ته ڏني پر ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا، پهريون رمضان جو مهينو آيو آهي جنهن ۾ اٽي تي ڪا سبسڊي نه ڏني وئي، اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه وجهُون ان لاءِ اوگرا جي پيٽروليم مصنوعات جي ق??متن ۾ اضافي جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ق??ادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي مان ۾ منعقد افطار ڊنر کي خطاب ڪ??دي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن آئل اينڊ اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي پيٽروليم مصنوعات جي ق??متن ۾ 21 رپيا ۽ ٻين پيٽروليم مصنوعات جي ق??متن ۾ 50 رپيا اضافي جي سمري رد ڪ??دي چيو ته حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪ??دي رهندي. هن چيو ته گذريل حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي جو ??علان ڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا. هن چيو ته اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون. وزيراعظم چيو ته پهريون رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ گذريل حڪومت اٽي تي به سبسڊي نه ڏني. وزيراعظم چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي ق??متن بابت حقيقتون عوام آڏو رکنداسين. هن ان عزم جو ??ظهار ڪيو ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪ??دي ره??دي ۽ ان جا مسئلا حل ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مخالف ڌر اتحاد پنهنجي ڏينهن رات جي جدوجهد سان عمران احمد خان نيازي کي شڪست ڏني، حڪومت ۾ شامل پارٽين جو ??تحاد مشاورت سان اڳتي وڌندو. هن چيو ته گذريل حڪومت جو ٺاهيل ڍانچو واريءَ جي ڀت وانگر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چونڊجڻ تي اتحادي پارٽين جا ٿورا مڃي??دي هن چيو ته هو اتحادي پارٽين جي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطي ۾ رهندو ۽ انهن جي تڪن جا مسئلا حل ڪندو. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن جي نالن جو ??علان ٻن مرحلن ۾ ڪيو ويندو، ڪابينا جي شروعاتي نالن جو ??علان جلد ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابينا جي وڌيڪ وزيرن جي نالن جو ??علان ڪيو ويندو. محمد شهباز شريف چيو ته وزيراعظم ها??وس کي پاڪستان ها??وس ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ سمورن صوبن جي آفيسرن کي هتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو ملندو. هن ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جي استعيفائن جي سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. افطار ڊنر ۾ پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل، خالد مگسي، خالد مقبول صديقي، محمود خان اچڪزئي، محسن داوڙ، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، شاهه زين بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.