اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ميڪيج پسا??سڪ?? ۽ سوئيڊن جي سفير هنرڪ پرسن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ يوڪرين لاءِ عالمي ڊونرز ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستان سمورن اتفراتفري وارن علائقن ۾ شهرين کي انساني بنيادن تي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم ??هي. هن چيو ته ان ڏس ۾ اسان گذريل مه??ني هنگامي ??ور تي امدادي سامان جا ٻه جهاز روانا ڪيا آهن.