اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پا??ستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حياتي ??چا??يندڙ عالمي معيار جي سي پي آر تربيت لکين زندگيون ??چا??ڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه کي فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته حياتي ??چا??يندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي پي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوبي ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ کي يقي??ي بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حياتي ??چا??يندڙ سي پي آر جي تربيت جي مهم ان سلسلي جي پهرين ??ڙيءَ آهي.