اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو، ان مجرماڻي غفلت تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلوچستان جي پسماندگي کي خو??حالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته اڄ هڪ اجلاس دوران مون گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چي?? ته ان تي سخت پريشاني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ڊالر گرانٽ، 484 ملين ڊالر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي باوجود ان منصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي تائين هر منصوبي ۾ دير ڪئي، جنهن سان قوم کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چي?? ته ها??ي پريزنٽيشنز جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايڪشن جو وقت شروع ٿي ويو آهي. هن چي?? ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، اقتصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چي?? ته بلوچستان جي پسماندگي کي خو??حالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.