اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڪو به معاشرو عورتن جي شموليت کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي م??قعي تي يتيم ٻارڙين جي اداري ڪاشانه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حضور ﷺ عيد جي م??قعي تي يتيم ٻارن جي ??ٿا?? هٿ رکيو، پاڻ ﷺ ٻارن تي خاص شفقت فرمائيندا ۽ پنهنجي طرز عمل سان سبق ڏنو ته بي سهارا ٻارن تي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ڇانوَ آهي. صدر چيو ته ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم آهي، آئون آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون يتيم ٻارن سان ملهائڻ جو خواهشمند هئس. هن چيو ته آزادي جي خوشي جي م??قعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان گڏ آهيون. ٻار اسان جو مستقبل آهن، پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏين، ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻارڙيون ڀرپور محنت ڪن ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي م??ڪ جو نالو روشن ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇوڪرين جي تعليم جو اهتمام پاڪستان جي لاءِ تمام ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي برابري جي تلقين ڪئي.