اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي فرانس جي صد?? ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي آسٽريا جي چ??نس??ر ۽ اسپين جي صد?? سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صد?? چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صد?? ڪيو آهي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صد?? ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه جي صد?? رجب طيب اردوان ک??نس??اءِ ايران جي صد?? سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شهباز شريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صد?? جي ملاقات ٿيندي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي صد?? جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيه جي صد?? ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي فن لينڊ جي صد?? سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم ج?? چين جي وزيراعظم لي ڪ?? چيانگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.