اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (??يڪ??) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي ??جلاس کي اهم خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (??يڪ??) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪابينا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي ??جلاس کي اهم خطاب ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ??اه?? ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ ??يڪ?? جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وزيراعظم علائ??ائ?? ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم ??يڪ?? جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن جو مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. ??يڪ?? سڄي ايشيا جي 27 ملڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ ??ائ?? ڪيو ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ??يڪ?? ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي علائ??ائ?? استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فروغ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. ??يڪ?? جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزيراعظم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ايشيا ۾ رابطن ۽ معاشي تعاون جي فروغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.