اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ??نگ??ي جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي مڪمل امڪانن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه ??نگ??ي ۾ پاڪس??ان جي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ??نگ??ي ۽ پاڪس??ان جي نجي شعبن جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبوٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽر مئنيجمينٽ، فلڊ واٽر مئنيجمينٽ، فصل جي انشورنس ۽ اعليٰ پيداوار رکندڙ ٻجن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوبن جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ??نگ??ي سان تعاون جا وسيع ام??ان موجود آهن. صدر چيو ته ??نگ??ي پاران پاڪستاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيفن جي مڪمل استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??نگ??ي پاران مستقبل ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ 200 اسڪالرشپس جي ايوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو ام??ان آهي، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??نگ??ي ۾ تعليم يافته ۽ تربيت يافته پاڪستاني انساني وسيلن کي واپس پاڪس??ان طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر پاڪس??ان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ ??نگ??ي جي حڪومت جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير پاڪس??ان جي حقيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صدر چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان سان مسلمانن جي جان ۽ مال خطري ۾ آهن.