شرم الشيخ-11 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته موسمياتي تبديليءَ جي ماهرن کي پاڻي ذخيرن کي ڪٽا جي عمل کان بچائڻ ۽ موجوده زرعي طريقن کي تبديل ڪرڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڏينهن شرم الشيخ ۾ موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان پينل مباحثي کي خطاب ڪندي هن جديد ۽ پائيدار زرعي طريقن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ آبادگارن کي ٻيهر تعليم ڏيڻ ۽ فنانسنگ ۾ سيڙپڪاريءَ ??ي اهميت تي روشني وڌي. هن 2010ع جي ٻوڏ ۽ ان ??ان??وءِ ??ي امدادي سر??رمين ۽ ان بابت سکيل سبقن جي باري ۾ پنهنجي ذاتي تج??بن کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بدقسمتيءَ سان 10 سالن جي خشڪ سالي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ آبادڪاري ??ي اجازت ڏني جنهن 2022ع جي ٻوڏ کي وڌيڪ تباهه ڪُن بڻيو. هن پينل مباحثي کي علائقي ۾ رليف مهم جي حوالي سان پنهنجن تج??بن ۽ ان تباهه ڪُن ??ي اثرن جي باري ۾ ٻُڌايو جيڪي هن پاڻ ڏٺا.