اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي ??ي) ني??نل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين جمهوريه قازقستان طرفان وزيراعظم رليف فنڊ لاءِ عطئي تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايندڙ سردي جي موسم دوران ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد جاري رکڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻوڏ 2022ع ۾ پاڪستان جي قومي ڪوششن جي صلاحيت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آفتن جي خاتمي، آگاهي، تياري ۽ رليف، ريسڪيو ۽ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مرحلن ۾ وڌيڪ ٻطرفي ۽ گهڻ رخو علائقائي تعاون ??ائم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو. قازقستان جي سفير تجويز پيش ڪئي ته قازقستان جي ايمرجنسي ريسپانس جي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين وچ ۾ شروعاتي آن لائين ملاقات بعد گڏيل تعاون جون ??ڌيڪ راهون ڳولڻ لاءِ قازقستان جي اعليٰ سطحي نمائندن جي وف?? جو پاڪستان جي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو.