اسلام آباد– 24 ?? نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نئين چيئرمين جوا??نٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنر?? ساحر شمشاد مرزا ۽ نئين چيف آ?? آرمي اسٽاف سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ساحر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوا??نٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوا??نٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر سيد عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ ان جي چيف آ?? آرمي اسٽاف طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. چيف آ?? آرمي اسٽاف جي مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر کين چيئرمين جوا??نٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آ?? آرمي اسٽاف طور سندن ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.