اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مذهب تي سياست چمڪائڻ، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ ۽ قومي مفاد کي ??ڪرو ڪندڙ هاڻي ڪشمير تي سياست ڪري ??هي?? آهي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عمران خان جي اتساهڻ تي منگلا ڊيم جي مرمت جي منصوبي جي تقريب ۾ افسوسن??ڪ حرڪت ڪئي، عمران خان پنهنجي ٻڏندڙ سياست خاطر آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي بهتري جي منصوبي جي تقريب کي ??نفي رنگ ڏيڻ جي گهٽيا ۽ مذمت جوڳي چال هلي، سائفر جا منٽس تبديل ڪري قومي مفادن کي ??يس پهچائيندڙ ”ڪاريگر“ سان ٻي اميد ئي ڪهڙي ڪري سگهجي ٿي؟. عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه ڦرڻ ۽ گهڙيون کپائيندڙ هاڻي ڪشمير جي نالي تي پنهنجي گندي ۽ بي شرم سياست ڪري ??هي?? آهي، ڪشمير فروش وزيراعظم شهباز شريف کي ??ه ٻڌائي ته ڪشمير جي مسئلي تي ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي هڪ ڪلاڪ اٿ ويهه ڪرڻ ۽ رستن ۽ چوڪن جا نالا تبديل ڪندڙ قومي مفاد تي راند کيڏي ??هي?? آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته افسوس آزاد ڪشمير جي وزيراعظم پنهنجي منصب جو خ??ال نه رکيو ۽ نه ئي ڪشمير جي مسئلي جي نزاڪت جي پرواهه ڪئي، ذاتي، پارٽي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي ان ڀونڊي انداز ۾ استعمال ڪرڻ مناسب نه هو، ان کي ان جو خ??ال رکڻ گهرجي ها ته هو آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جي منصب تي فائز آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ڄاڻي واڻي وزيراعظم جي تقريب دوران مداخلت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف نرمي سان کيس چوندو ??هي?? ته اسان ويهي ڳالهه ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف ان کي اهو به چيو ته ڪو مسئلو آهي ته هو آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان ملي ان کي حل ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هر عالمي فورم تي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي مفادن جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم سميت هر عالمي علائقائي فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي ??وري قوت سان اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته ڪاش آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ان ج??ئت جو اظهار پنهنجي ڪشمير فروش قائد آڏو ڪري ها. ڪشمير فروش جي نالائقي، نااهلي ۽ سازش جي ڪري ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جو غيرقانوني قدم کڻڻ جي ج??ئت ٿي. ڪشمير فروش مودي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جون دعائون ڪندو ??هي??. ڪشمير فروش چوي ٿو ته مودي جو ٻيهر چونڊجڻ تي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سڄو پاڪستان متحد ۽ هڪ آواز آهي، ان حساس معاملي کي سياسي ۽ پارٽي ورڇ جي ور نه چاڙهيو، مهرباني ٿيندي.