اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي سڄي ملڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ واري خواب جي تڪميل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي ايم – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد پشاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي ايم) جي آخري حصي جي تعمير بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري سان ايم -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم – 06 کي 30 مهين?? جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل سان سڄي ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت مل??دي. ان کان علاوه ان موٽروي جي تعمير سان واپاري برادري کي پنهنجي ساما?? جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي، ان کان علاوه حادثن کان بچڻ کان علاوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ??يندي، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته بهترين شاهراه?? جي تعمير سان ترقي جي قومي رفتار ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان پاڪستا?? جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي تڪميل سان ملڪ ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿينديون، واپارين، صنعتڪارن ۽ هارين کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿي??دي.