اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2022ع دوران ??باهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ??يشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ کانپوءِ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ بئنڪ جي وڌيڪ تعاون جا خواهشمند آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ??ي نائب صدر شي زن چن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ??يشيائي ترقياتي بئنڪ جو ماڻهن سان ??عاون ۽ يڪجهتي ساراهه جوڳي آهي ۽ اسان مستقبل ۾ ان ??عاون کي جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي، حصيدارن سان گڏجي اسان هڪ مضبوط ??وس??ياتي ردعمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.